افشان احمد

افشان احمد

افشان احمد

افشان احمد: پاڪستاني فنڪاره. 22 سيپٽمبر 1966ع تي لاهور ۾ جنم ورتو. سندس والده ’آل انڊيا ريڊيو‘ ۽ ’ريڊيو پاڪستان‘ سان وابسته رهي هئي. افشان ڳائڻ جي شروعات ننڍپڻ ۾ پنھنجي والده جي ميزبانيءَ ۾ ٿيندڙ ٻارڙن جي پروگرام ’هماري شام‘ کان ڪئي. بعد ۾ موسيقار سھيل رانا جي مشھور ٻارن جي پروگرامن ’ڪليون ڪي مالا‘ ۽ ’هم سورج چاند ستاري‘ ۾ فني زندگيءَ جي شروعات ڪئي. 1980ع ۽ 1990ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ٽيليويزن لاءِ هن ڪيترائي گيت ڳايا، جن ۾: ’دوستي ايسا ناتا‘، ’ميري بچپن ڪي دن‘ ۽ ٻيا شامل آهن. هن دنيا جي 14 کان وڌيڪ ملڪن ۾ گلوڪاره طور پنھنجو فن پيش ڪيو. ’چلڊرن لٽريچر فيسٽيول‘، ’EMI تقريب‘، ’پاڪستان ميگا فيشن فلم اينڊ آرٽ اوارڊ شو‘ ۽ شاهه لطيف ڀٽائي جي سالياني عُرس جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ان کان سواءِ 20 سالن تائين ڪراچيءَ جي هڪ گرامر اسڪول ۾ موسيقيءَ جي استاد پڻ رهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو